سرمست- 3

سرمست- 3

سرمست 3

سرمست- 3: سرمست ڪڙي ٽينءَ جو مرتب ڊاڪٽر تنوير عباسي آهي. ابتدا ۾ آرٽ پيپر تي سچل جي روضي، وزير تعليم ۽ ثقافت، ڊويزنل ڪمشنر ۽ ٻي انتظاميه جي تصويرن سان گڏ گذريل ڪانفرنس جون رنگين ۽ بليڪ اينڊ وائيٽ تصويرون ڏنيون ويون آهن. مرتب جي نوٽ ۽ 1972ع جي ميلي جي رپورٽ کانپوءِ شاعريءَ جي ڀاڱي ۾: امداد حسيني، بردي سنڌي، پرواني ڀٽي، فتاح ملڪ، تاجل بيوس، تاج جويي، اميد خيرپوري، اياز گل، ادل سومري، هدايت بلوچ، مختيار ملڪ، الطاف اثيم، نظام زائر ۽ اعظم لاڙڪ جي شاعري ڏني وئي آهي، جڏهن ته مقالن جو وچور هن ريت آهي:
(1) ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ (صدارتي خطاب: ادبي ڪانفرنس: 1982ع، (2) غلام مصطفيٰ قاسمي (حضرت سچل سرمست ۽ همه اوست)، (3) ڊاڪٽر غلام علي الانا (سنڌي سـمـاج جـا قـدر ۽ سچل جو ڪلام)، (4) عبدالجبار جـوڻيـجـو (سک درسـي سچـل سرمست)، (5) ڊاڪٽر نواز علي شوق (سچل سائينءَ جي سرائيڪي ڏوهيڙي ۾ اکڙين جو موضوع)، (6) رشيد ڀٽي (عشق امام، سچوءَ جو يارو!)، (7) عبدالقادر جوڻيجو (سچل سائينءَ جي ڪلام جون ڪجهه خوبيون)، (8) قاضي خادم (سچل جو تاريخ ساز ڪردار)، (9) محمد علي حداد (سچل سائينءَ جو اصلوڪو اردو ڪلام)، (10) خادم عباسي (سچل جي بيتن جو تحقيقي جائزو)، (11) مختيار ملڪ (سچل ۽ سچ)، (12) محسن چنا (سچل جو نظريو).
126 صفحن تي مشتمل، 1982ع ۾ ڇپيل، ڊيمي سائيز جي هن ڪتابي سلسلي جي قيمت 12 روپيا آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو